تاريخ سنڌ 6

تاريخ سنڌ4 (ڪتاب ):هي ڪتاب اردوءَ ۾ ”تاريخ سندهه“ جي نالي سان اردو زبان جي مشهور عالم ۽ تاريخدان، سيد ابوظفر ندويءَ لکيو هو، جيڪو 1947ع ۾ دارالمنصنفين هند پاران ڇپيو، ان جو نئون ڇاپو ”تخليقات“ لاهور پاران، مارچ 1997ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد جي 331 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 180 رپيا آهي. هن تاريخ جو پيش لفظ، مشهور عالم ۽ مؤرخ سيد سليمان ندوي، 15 آگسٽ 1947ع تي لکيو هو. هن ڄاڻايو آهي ته انگريزن، هند ۽ سنڌ جون جيڪي تاريخون لکيون، اُهي سندن سياسي مقصدن کان خالي نه هيون، ان ڪري ”دارالمصنفين هند“، پاران هندستان جي هڪ تفصيلي ۽ مستند تاريخ لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن ته سنڌ جي تاريخ ان لحاظ کان به اهميت جوڳي آهي، جو هندستان جي سرزمين تي مسلمانن جو پهريون قافلو سنڌ ۾ لٿو هو. سيد سليمان ندويءَ، ابوظفر ندويءَ جي هن ڪتاب کي ”اردوءَ ۾ سنڌ جي سڀ کان پهرين تفصيلي، مستند ۽ مستقل تاريخ“ سڏيو آهي، ان ۾ سنڌ جي جاگرافي، مسلمانن جي ڪاهه کان اڳ جو مختصر ۽ اسلامي فتحن جو تفصيلي احوال، خلافت راشده جي زماني کان وٺي اٺينءَ صدي هجريءَ تائين سنڌ، جن جن حڪومتن جي هٿ هيٺ رهي، ۽ عباسين جي تسلط کان آزاد هتي جيڪي به حڪومتون قائم ٿيون، تن جي پوري تاريخ ۽ انهن سمورن دورن جي حڪومتي نظام، عملي ۽ تمدني حالتن ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن جو تفصيل ڏنل آهي. ابو ظفر ندويءَ جي هن اردو ڪتاب ”تاريخ سندهه“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، محمد اشرف سمي ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو